وي سي پاران واقعي جي جاچ لاءِ 5 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم

لاڙڪاڻو: شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طرفان شاگردياڻي نوشين ڪاظمي واري واقعي بابت حقيقتون جاچڻ لاءِ 5 رڪني فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 5 ڏينهن جي اندر جاچ ڪري اهڙي رپورٽ پيش ڪندي. ان سلسلي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار سيد قرارو شاهه جي صحيح سان جاري ڪيل آفيس آرڊر موجب ڪميٽي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو پروفيسر آف ميڊيسن ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، فارنزڪ ميڊيسن جو پروفيسر ڊاڪٽر راشد احمد پٺاڻ ميمبر جڏهن ته يونيورسٽي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر اصغر علي ڀٽو ميمبر ۽ ڪنوينر طور شامل آهن. ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر گلزار شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر نوشين واري واقعي بعد شاگردياڻيون حساس ٿي پيون آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.