ڏند موتين جيان چمڪيلا بڻائڻ جو صفا سولو طريقو

 

سوپارين ۽ پان جو وڌيڪ استعمال ڪندڙ ماڻهو ڏند خراب ٿيڻ سبب اڪثر پريشان رهندا آهن.

اهڙا ماڻهو ڪوششن باوجود پنهنجا ڏند صاف ناهن ڪري سگهندا پر هاڻ انهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته اسان جي ٻڌايل ٽوٽڪي تي عمل ڪرڻ سان انهن جا ڏند وري صاف سٿرا ۽ چمڪيلا ٿي ويندا.

اهو ٽوٽڪو سولائي سان تيار ٿي ويندو، ڇو ته ان لاءِ گهربل شيون توهان جي ڪچن ۾ ئي موجود هونديون آهن.

ڏند صاف ڪرڻ لاءِ اڌ ڪوپ هرٻي جا داڻا ۽ 6 لونگ کڻو، انهن کي چڱي طرح پيسي پائوڊر ٺاهي ڇڏيو، پوءِ ان پائوڊر ۾ هڪ چمچو لوڻ به شامل ڪري ڇڏيو.

هاڻ ان پائوڊر ۾ ٿورڙو پاڻي ملائي پيسٽ ٺاهي ڇڏيو ۽ ٽوٿ برش سان چڱي ريت 10 منٽن تائين برش ڪيو.

ان مقصد لاءِ گلابي لوڻ بهترين نتيجا ڏئي سگهي ٿو پر اڻ هوند ۾ توهان عام لوڻ به استعمال ڪري سگهو ٿا.

اهو ٽوٽڪو آزمائڻ سان توهان جي پريشاني ختم ٿي ويندي ۽ ڏند چمڪيلا ۽ اڇا ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.