شوڪت ترين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين کي طلب ڪري ورتو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن اي سي سي جي فيصلن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان فورم تي ڪجهه ماڻهن کي فائدو پهچايو ويندو آهي.

ميمبرن جو چوڻ هو ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ پريڪٽس اي سي سي ۾ ٿيندي آهي، حڪومت اي سي سي کي نيب جي قانون مان ڪڍي رهي آهي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ايندڙ اجلاس تي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين کي طلب ڪري ورتو.

ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته نيب چيئرمين به 7 ڊسمبر تي پي اي سي اجلاس ۾ پيش ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.