هوا مان آڪسيجن جذب ڪندڙ ”ذهين“ وينٽيليٽر تيار

سعودي عرب جي سائنسدانن هڪ اهڙو ”ذهين“ ۽ ننڍو وينٽيليٽر تيار ڪري ورتو آهي جيڪو هوا مان آڪسيجن جذب ڪري ٿو ۽ مريض جي ضرورت موجب آڪسيجن جو مقدار گھٽائيندو ۽ وڌائيندو رهي ٿو.

اهو ڪارنامو ”الملڪ عبدالله للعلوم والتقنيه يونيورسٽي“ (ڪنگ عبدالعزيز يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي) جي احد سيد ۽ ڊاڪٽر عدنان قمر گڏيل طور انجام ڏنو آهي.

اهو وينٽيليٽر ايترو ته ننڍو آهي جو ان کي سولائي سان عام ايمبولنس ۾ لڳائي سگھجي ٿو جڏهن ته ضرورت پوڻ تي ان کي مريض جي گھر ۾ به منتقل ڪري سگھجي ٿو.

عام وينٽيليٽرز جي ابتڙ، ان کي هر وقت آڪسيجن سلينڊر يا سينٽرل آڪسيجن سپلاءِ سسٽم سان سلهاڙڻ جي ضرورت نٿي پوي. اهو ڀرپاسي جي هوا جذب ڪري ان مان آڪسيجن ڌار ڪري مريض کي فراهم ڪندو رهي ٿو.

اهو وينٽي ليٽر جنهن کي ”وينٽي بيگ“ جو نالو ڏنو ويو آهي، خاص طرح جي سينسرز ۽ مصنوعي ذهانت جي اثرائتي نظام سان ليس آهي.

اهو مريض جي دل جي ڌڙڪي ۽ ساهه جي رفتار کان سواءِ ان ۾ ٿيندڙ تبديلين تي به لاڳيتو نظر رکي ٿو ۽ انهيءَ بنياد تي مريض کي گھربل آڪسيجن جي مقدار ۾ گھٽتائي ۽ واڌ ڪندو رهي ٿو.

يعني اهو ذهين وينٽيليٽر ڪنهن به مريض کي ٺيڪ اوتري ئي آڪسيجن فراهم ڪري ٿو جيتري ان کي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر عدنان قمر ۽ احد سيد طرفان تيار ڪيل اهو ذهين وينٽيليٽر ”ڪي اي يو ايس ٽي ڪووڊ-19 انوويشن چئلينج“ نالي مقابلي جو فاتح به آهي.

پر اڃا اهو پروٽوٽائيپ جي شڪل ۾ آهي جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪري اسپتالن ۽ گھرن ۾ استعمال جوڳو بڻائڻ تي ڪم جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.