مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي مقرر ڪري ڇڏي.

گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان ۽ ان کانپوءِ مريم نواز ۽ شاهد قاخان عباسي جي تقريرن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ٻنهي کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي عدالت جي توهين ڪئي، ٻنهي عدليا خلاف توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيا، تنهن ڪري انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت ڪيس جي سڀاڻي ٻڌڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي وڪيل ڪلثوم خالق ايڊووڪيٽ دليل پيش ڪندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله پاڻ ان درخواست جي ٻڌڻي ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.