آريجن ۽ ڀرپاسي ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ، شهري توڙي ڳوٺاڻا پريشان

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) باقراڻي تعلقي اندر سردين جي موسم اچڻ شرط ئي گيس جي لوڊ شيڊنگ جو آزار وڌي ويو، گھريلو صارفين سخت پريشان، عورتون رڌ پچاءُ ڪاٺين تي ڪرڻ تي مجبور، سئي گيس انتظاميه نوٽيس نه ورتو،سڄاڻ ڌرين ۾ ڳڻتي ڇانيل،رپورٽ موجب، باقراڻي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن باقراڻي، آريجا، پٺاڻ، قائم منگڻ، خيرالدين جتوئي، علي آباد گنجه تنيا، ۽ ٻين شھرن توڙي ڳوٺن ۾ سئي سدرن گيس انتظاميه جي لاپرواھي ۽ عدم دلچسپي سبب گيس جي لوڊ شيڊنگ جوآزار انتھائي وڌي ويو آھي، جنھن سبب گھريلو صارفين شاھد ناز تنيو، ماجد علي چنو، راحب علي تنيو،سڪندر ميمڻ ، سراج آحمد آريجو، عاشق ڪنڀر، حاجي ڪفايت ڪلھوڙو ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته افسوس آھي جو بجلي وانگر ھاڻي گيس جي به اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي جنھن سبب گھرن ۾ عورتون ٽئي ويلا ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي مجبورن رڌ پچاءُ ڪري رھيون آھن، جنھن سبب اسين سخت پريشان آھيون ۽ ڪاٺين جا اگھه به آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن، ھوڏانھن گيس انتظاميه اسان جي دانھن ڪوڪن جي ڪابه داد رسي نه ٿي ڪري ۽ نه ئي گيس جو پريشر وڌائي ٿي، جيڪا سراسر نانصافي ۽ ظلم آھي. ھنن گيس انتظاميه سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدار اھڙي مامري جو نوٽيس وٺي گيس لوڊشيڊنگ ختم ڪري بي چيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.