حيدرآباد ۾ برطرف ملازم جو بحالي لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) بلديه اعليٰ لطيف آباد جي ملازم يوسف خان نوڪري تي بحالي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي چيو ته هو لطيف آباد بلديه اعليٰ ۾ فائر برگيڊ جو ڊرائيور آهي، گذريل 4 مهينا اڳ کيس رٽائر ڪري سندس پگهار بند ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سروس بڪ ۽ شناختي ڪارڊ موجب اڃا هو 4 سال ڊيوٽي ڪري سگهي ٿو، مون کي انتقامي ڪارروائي ڪري نوڪري تان رٽائرڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو مون غريب سان وڏو ظلم ۽ ناانصافي آهي. هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته کيس نوڪري تي بحال ڪري پگهارون ڏئي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.