خيرپور مان نوجوان گم، گهر ۾ مايوسي واري صورتحال

خيرپور (س ر)خيرپور جي شيشم ڪالوني جو رهواسي نوجوان عبدالجبار راجپوت پراسرار نموني گذريل ٻن هفتن کان گم آهي جنهن سبب نينگر جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سندس امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، جڏهن ته نوجوان جي وارثن عبدالستار راجپوت اخبار وارن کي ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ نوجوان عبدالجبار راجپوت گهران چئي ويو ته مان محرابپور وڃي رهيو آهيان، پر هو محرابپور نه  پهتو ۽ ٻن هفتن کان گم آهي جنهن جي تمام گهڻي ڳولها ڪئي آهي، ڪٿي به نوجوان جو ڏس پتو نه ٿو پوي جنهن ڪري اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي هن چيو ته اسان محرابپور ٿاڻي تي نوجوان جي گمشدگي جي اين سي داخل ڪرائي آهي هن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي ڳولها ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.