ثاقب نثار ٻڌائي ته نواز شريف ۽ مونکي سزا لاءِ کيس ڪنهن مجبور ڪيو: مريم نواز

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز ليڪ آڊيو کي اڳوڻي چيف جسٽس خلاف چارج شيٽ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته ثاقب نثار پاڻ کي قانون سامهون پيش ڪري. اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته ثاقب نثار کي اڄ نه ته سڀاڻي سچ ٻڌائڻو پوندو.هن سوال ڪيو ته ثاقب نثار صاحب! اهو ڪير هو، جنهن کي توهان چيف جسٽس هوندي به انڪار نه ڪري سگهيا؟ ٻڌايو ڪنهن چيو ته عمران خان کي آڻڻو آهي؟ ڇا توهان ان ڳالهه کان انڪار ڪري ٿا سگهو ته عوام جي چونڊيل وزيراعظم کي سازش تحت هٽايو ويو، سندس چوڻ هو ته اها نواز شريف ۽ ن ليگ جي حق ۾ پنجين شاهدي آهي. مريم نواز اعتراف ڪيو آهي ته چئنلن کي اشتهار روڪڻ جي آڊيو منهنجي آهي.مريم نواز چيو ته جنهن سازش جو مهرو ثاقب نثار آهي، ان ئي تحت عمران خان اقتدار ۾ آيو، عمران خان اڳوڻي چيف جسٽس کي نه پاڻ کي بچائي رهيو آهي.ان دوران سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ آڊيو ڪلپ بابت پڇيل سوال تي مريم نواز چيو ته اهو آواز منهنجو ئي آهي ۽ آڊيو درست آهي، مان نه چونديس ته آڊيو ٽوڙي مروڙي ٺاهي وئي آهي يا منهنجو آواز ناهي، اهو منهنجو ئي آواز آ.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.