سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام کي هٿي ڏني وئي:ڪيو اي ٽي

ٻيلو (ن ع آ) ٻيلو شهر جي سياسي سماجي اڳواڻ جبار ٻجورو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو سان ملاقات ڪري اياز لطيف پليجو صاحب جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اياز لطيف پليجو سنڌ جو سگھارو آواز آھي ھن وقت سنڌ جو مضبوطي سان سنڌ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي ھٿ وٺي مضبوط ڪيو پيو وڃي . سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي کان وٺي فارمولو ٺاھيو ويو آهي تہ سنڌ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، پيرن سردارن ۽ نوابن ذريعي سنڌ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. اشرف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻهو نسبتن وڌيڪ پروگريس، جمھوريت پسند، لبرل ھئا. سردار، وڏيرا، مرشد ۽ جاگيردار انهن سڀني کي استعمال ڪيو ويو. ڀٽو کان وٺي مشرف ۽ زرداري بہ سردارن، پيرن، وڏيرن کي طاقت ڏني. اشرف پليجي چيو تہ 13 سالن کان ھلندڙ خراب حڪمراني سنڌ کي معاشي، زرعي ۽ تعليم سميت ھر لحاظ کان پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي۔ 18ھين ترميم ۽ خودمختياري جي نالي ۾ سنڌ جي دولت ۽ وسيلن کي ذاتي جاگير سمجھي لٽيو پيو وڃي۔ حڪمران بي پناھ دولت جا مالڪ بنجي ويا آھن ۽ آبادگار، ھاري، مزدور ۽ ٻيو غريب عوام وڌيڪ پوئتي ڌڪجي ويو آھي. اشرف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ مينيج ڪري آندل حڪمرانن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.