باڊهه واسي نوجوان کي پوليس گم ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ باڊهه شهر جي جوڻيجا پاڙي جي رهواسين پوليس هٿان مبينا گرفتار نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت ممتاز علي گوپانگ پنهنجي پٽ مشتاق علي، پوٽي علي اڪبر، پڦڙ حاجي بچل گوپانگ ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته آءُ انتهائي غريب مسڪين آهيان، مون کي 15 ٻارن جي اولاد آهي، ٻني تي پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن الزام لڳايو ته 13 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاڙي ۾ بيٺل منهنجي پورهيت پٽ مير مرتضيٰ گوپانگ کي بيگناهه گرفتار ڪري کڻي وئي جنهن کان پوءِ پوليس پٽ مٿان ڏوڪري ٿاڻي تي ٽي، رشيد وڳڻ ٿاڻي ۽ تعلقي ٿاڻي تي هڪ هڪ ڪيس داخل ڪرائڻ بعد کيس چالان ڪري لاڙڪاڻو سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو. هن چيو ته منهنجو پٽ باڊهه شهر ۾ سبزي جي ريڙهي هلائي گهر جي گذر سفر ۾ مدد ڪندو هو جيڪو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهي پر ان جي باوجود پوليس کيس گرفتار ڪري ظلم ڪيو آهي ان لاءِ منهنجي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل آهي ته معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.