ٽي ٽي پي جا 100 کان وڌيڪ ڪارڪن آزاد، طالبان ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) سيڪيورٽي عملدارن ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان 100 کان وڌيڪ ٽي ٽي پي جي ڪارڪنن کي امن معاهدي تحت آزاد +ڪرڻ وارين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته هيل تائين ڪنهن کي به آزاد نه ڪيو ويو آهي، ٽي ٽي پي جي ترجمان محمد خراساني چيو آهي ته 100 ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي، جڏهن ته جنگ بندي معاهدي تي بيٺل آهيون، هن چيو ته ڳالهيون ڪندڙ ٽيم سان ملاقات نه ٿي آهي، سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته اڃان تائين ڪنهن کي به آزاد نه ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.