ملڪ جو وڏو مسئلو مهانگائي، شهرين کي ملڪي رخ تي ڳڻتي

اسلام آباد ( م ڊ) عوام پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. 47 سيڪڙو شهرين ملڪ جي رخ کي غلط  چيو آهي. ريسرچ ڪمپني اپسوس جي نئين سروي ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي.  43 سيڪڙو شهرين مهانگائي ۽ 14 سيڪڙو بيروزگاري کي مسئلو قرار ڏنو . سروي ۾ 12 سيڪڙو عوام غربت کي مسئلو قرار ڏنو، شهرين معيشت تي به ڳڻتي ظاهر ڪيو آهي. 46 سيڪڙو ماڻهن معيشت جي ڪمزوري کي مسئلو قرار ڏنو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.