ن ليگ نواز ۽ مريم نواز جي سزا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي مبينا آڊيو ڪلپ ن ليگ، نواز شريف ۽ مريم نواز جي سزا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو جي فرانزڪ جو مطالبو ڪندي مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪو به نٿو چئي سگهي ته آواز اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو ناهي. جيڪڏهن اسان حلف نامو يا آڊيو ٺاهيو آهي ته سزا ڏيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن بيان حلفي ۾ چيو ويو آهي ته سچ آهي ته پوءِ ثاقب نثار کي سزا ملڻ گهرجي. جيڪڏهن غلط آهي ته جسٽس رانا شميم کي سزا ملڻ گهرجي، نواز شريف ۽ مريم نواز کي سازش جي سزا ڏني وئي آهي. هن چيو ته آڊيو ۾ ان وقت جو چيف جسٽس چئي رهيو هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن وقت اهو معلوم ناهي ته هو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ ڇا ڪندو. هن چيو ته هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. چيئرمين نيب کان پڇيو وڃي ٿو ته 21 سالن ۾ ڪيترو پئسو واپس ورتو ويو؟ چيئرمين نيب کي نيب آرڊيننس ذريعي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.