ڄام اويس سان ڪا ذاتي دشمني ناهي،مظلومن سان گڏ آهيون: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي ميمبر راجا اظهر ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب  ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ جمهوريت جي قاتل پارٽي آهي سنڌ اسمبلي ۾ جمهوريت کي هٿي ڏيڻ جي بجاءِ جمهوريت جو جنازو ڪڍيو ٿو وڃي، هن چيو ته  ته جيڪڏهن وڏي وزير کي مون سان اختلاف آهن ته مون کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين نه بڻايو، اسان کي چيئرمين شپ تان دستبردار ٿيون ٿا رڳو اپوزيشن جو نمائندو شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ جا ڪرپٽ آفيسر ڪنهن به ايم پي اي جي ڪال تي جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ حليم عادل شيخ چيو ته اسان جي ڄام ڪريم يا ڄام اويس سان ڪا به ذاتي دشمني ناهي، اسان مظلومن سان گڏ بيٺا آهيون، فهميده سيال جا وارث بيٺا آهن کين انصاف ڏيارڻ لاءِ اسان جدوجهد ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.