چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پرياڪماري جي اغوا جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ طلب

ڪراچي/سکر(رپورٽر) سکر جي علائقي سنگرار مان 9 محرم تي اغوا ٿي ويل هندو نينگري پرياڪماري جي معاملي جو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي سڀاڻي نومبر تي  عدالت طلب ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس هندو نينگري پريا جي اغوا بابت  پڇاڻو ڪندو ٻئي طرف پريا جي بازيابي لاءِ ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ جي اڳواڻي ۾ ٽن ايس ايس پيز تي مشتمل ٽيم به نينگري کي بازياب ڪرائڻ توڙي پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو ۽ ايس ايس پي سکر سنگهرار پهچي معصوم نينگري پريا جي وارثن سان ملاقات ڪري تفصيل وٺڻ سان گڏ نينگري جلد بازيابي جو يقين ڏياريو. ياد رهي ته پرياڪماري  9 محرم تي سنگرار ۾ سبيل هلائڻ دوران گم ٿي وئي هئي جنهن جي بازيابي لاءِ پوري سنڌ ۾ احتجاج ٿيو هو پر سکر پوليس چار مهينا گذرڻ باوجود معصوم پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرائي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.