کهڙا ۾ تعليم جي بهتري لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ جو اعلان

کهڙا (ن ع آ)  کهڙا ۾ تعليم جي بهتري جي عنوان هيٺ گڏجاڻي. تعليم جي بهتري لاء غورويچار. ظھير لاڙڪ. عبدالرزاق اڄڻ. حليم سومري جي خصوصي شرڪت. کهڙا جي ڀٽائي ڪالوني ۾ سومرا هائوس تي ايجوڪيشنل فورم خيرپور پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ نوجوان شاعر. ليکڪ عبدالرزاق اڄڻ خصوصي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي چئيرمين ظهير لاڙڪ. آل پاڪستان سومرا ايسوسئيشن جي اڳواڻ حليم الله سومري. ايجوڪيشنل فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ طارق مهيسر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي انهي موقعي تي حليم الله سومري خطاب ڪندي چيو ته تعليم انسان جي ٽين اک آھي. والدين پنهنجي اولاد کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪن. نياڻين کي تعليم ڏياري وڃي ان چيو ته ڳوٺن ۾ تعليم تي پروگرام ڪرايا وڃن جڏھن ته گڏجاڻي ۾ تعليم جي بهتري ۽ مختلف معاملن تي غورويچار ڪيو ويو. ايجوڪيشنل فورم جي چئيرمين ظھير لاڙڪ چيو ته ضلعي خيرپور ميرس جي مختلف شھرن توڙي ڳوٺن ۾ تعليم تي پروگرام ڪرايا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.