خيرپورمان اغوا ڪيل ناري آزاد نه ٿي، وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو

خيرپور ( س ر   ) لقمان حسيني چوڪ جي رهواسي عورتن مسمات ماهه نور رند، بي بي پارس ،بي بي گلناز،  مسمات شاهه ملڪه ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان شادي شده عورت عروج فاطمه ڌيءَ محمد رمضان رند کي بااثر جوابدار غلام رضا لاشاري، پسند علي، غلام عباس، سجاد لاشاري ۽ ٻيا  18 ڏينهن اڳ لقمان ڀرسان هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي  اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن، جنهن جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، مظاهرين جو چوڻ هو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي انوسٽيگيشن انچارج غلام حيدر منگي لکين روپيه رشوت وٺي جوابدارن سان ٻٽ بڻجي ويو آهي، فقط 2 جوابدارن سجاد لاشاري ۽ غلام عباس کي گرفتار ڪري ڪيس کي نيڪال ڪرڻ جي سازش ۾ رڌل آهي، هنن چيو ته جوابدارن جا پوليس ۽ ڏوهارين سان واسطا آهن جنهن ڪري جوابدار اسان کي عروج فاطمه جي بازيابيءَ لاءِ آواز اٿارڻ تي قتل ڪرڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ،سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي اغوا ٿيل عروج فاطمه کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ اغوا ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.