رپڙي ۾ ھڪ ئي رات ۾ ٻه ڌار ڌار وارداتون، متاثرن جو احتجاج

بهارو(ن ع آ) رپڙي ريگيوليٽر ڀرسان چورن غلام علي شيخ جي موبائل رپيئرنگ جي مانڊڙي ڀڃي موبائل فون، سولر پليٽ يو پي ايس ۽ بيٽري سميت تقريبن ھڪ لک ٽيھ ھزار جو سامان کڻي فرار ٿي ويا ٻي پاسي موٽرسائيڪل جي پنڪچر ڳنڍيندڙ راڻو خان شنباڻي جي مانڊڙي مان موٽرسائيڪل جا 20 نوان ٽيوب کڻي فرار ٿي ويا ان موقئي تي متاثرن احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ مسلسل اسان جي چوري ٿيندي پئي اچي اسان غريب آھيون روزي ڪري بچڙن جو پيٽ پاليندا آھيون اسان جي ڪنھن سان بہ ڪا دشمني ناھي اسان مسڪين آھيون اسان کي چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي جيئن ٻچڙن جو پيٽ پالي سگھون ھنن ايس ايس پي خيرپور ڊي آئي جي سکر ايس ايڇ او بھارو کان گھر ڪندي چيو تہ چوري واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي نہ تہ ڀي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.