افغان طالبان اداڪارائن تي پابندي هڻي ڇڏي

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان اختيارين طرفان ٽيلي ويزن پروگرامن بابت نيون گائيڊ لائنز جاري ڪيون ويون آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪارائن کي ڏيکارڻ تي پابندي هڻي ڇڏي، جڏهن ته عورتن کي رپورٽنگ دوران حجاب پائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مذهب جي توهين ڪندڙ ڪاميڊي ۽ انٽرٽينمينٽ پروگرامن کي منع قرار ڏنو ويو آهي.

طالبان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ثقافت کي هٿي ڏيندڙ پرڏيهي فلمون به نشر نه ڪيون وينديون، اسلامي ۽ افغان قدرن جي ابتڙ پروگرامن ۽ فلمن تي پابندي هنئي ويندي.

واضح رهي ته طالبان هلندڙ سال آگسٽ ۾ ڪابل سميت سڄي افغانستان تي قبضو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.