سماجي اڳواڻ زاهد شاهه ۽ شاهد شاهه پ پ ۾ شامل

سکر(رپورٽر) سکر جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سيد زاهد حسين شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد شاهد حسين شاهه آچر تي پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر سان سندس رهائشگاهه زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. هنن چيو ته پ پ قيادت تي اعتماد آهي، سکر سميت عوام جي خدمت پ پ جي پليٽ فارم تان ڪنداسين، ان موقعي تي سنڌ جو مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، اطلاعات ۽ محنت وارو صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.