ڳڙهي خيرو ۾ عام واهپي جي شين ۾رڪارڊ اضافو، غريب پريشان

ڳڙھي خيرو (ن ع آ) "تبديلي سرڪار عام واھپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ڪري رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندارن عام واھپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو، شھر ۾ مرغي جو گوشت، ڪڻڪ اٽو، کنڊ، پيور تيل ۽ سبزين جي اگھن ۾ رڪارڊ اضافو، غريب مزدور ھڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ به پريشان، حڪومت عام واھپي جي شين ۽ دوائن ۾ رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو، مھانگائي سبب عوام پريشان جي پريشاني ۾ اضافو ٿي ويو آھي، ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندار سبزي، ڪڻڪ جو اٽو, کنڊ سميت عام واھپي جي شين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي,  عوام مھانگيون شيون خريد ڪرڻ تي مجبور, حڪومت پاران مھانگائي تي  ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام، ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندار عام واھپي جي شين ۾ من پسند ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا، ڪڻڪ جو في ڪلو اٽو 70 کان 80 روپيا، کنڊ 120 روپيا، پيور تيل في لٽر 360 روپيا، چانور 86 نمبر. 100 روپيا، چڻن جي دال 250 روپيا، مڱ دال 350 روپيا، گوبي 70 روپيا، ڪريلا 120 روپيا، بصر 60 روپيا، ٽماٽا 170 روپيا، توري 100 روپيا، ڀينڊي ،120 ننڍو گوشت ڇيلو 1100 روپيا، مرغي جو گوشت 440 روپيا، مڇي 400 روپيا، وڏو گوشت 600 روپيا وڪرو ٿي رھيو آھي، جڏھن حڪومت دوائن ۽ عام واھپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، مھانگائي سبب عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿي ويو آھي, وفاقي حڪومت  مھانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ڪري عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي، مھانگائي سبب عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿيڻ لڳو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.