ٺٽي ۾ آبادگارن تي ڪيسن خلاف احتجاجي ريلي

ٺٽو (ڊ ر) تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي پاران ٺٽي ضلعي جي آبادگارن تي داخل ڪيسن توڙي انتقامي ڪاروائين خلاف ضلعي صدر ارسلان بروهي، ھوش محمد عباسي، مير فيضان بروھي، آبادگار اڳواڻ حق نواز رند، وحيد رند، غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتي، جتي احتجاج مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ بينر، پارٽي جھنڊا ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا، جيڪي انتقامي ڪارواين خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن خطاب ڪندي چيو تہ پوليس ۽ آبپاشي کاتي جي انتظاميہ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ بدران پُرامن احتجاج ڪرڻ تي آبادگارن خلاف ڪُوڙا ڪيس مَڙھي حق نواز رند سميت 6 آبادگارن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي. هنن چيو تہ سنڌ اندر پوليس انتظاميہ حڪمران ڌر جي ونگار وهي لاقانونيت ۽ جاگيرداراڻي سوچ ذريعي عوام کي پريشان ڪري اسان جي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪاروايون ڪيون پرون وڃن، جيڪو عمل ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو. ھنن چيو تہ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب مھنگائي ۾ واڌارو ٿيو آھي. پر سنڌ ۾ اٽو، کنڊ سميت عام واھپي جي شين جا ھٿرادو اگھ مقرر ڪري مھنگائي ۾ اضافو ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي. جنھن جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي. ھنن گھر ڪئي تہ فورن آبادگارن خلاف داخل ھٿ ٺوڪيا ڪيس ختم ڪري سندن ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪاروايون بند ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.