ٺل ۾ پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم مڪمل نه ٿي، جدوجهد ڪميٽي پاران ڌرڻو

ٺل (رپورٽ : نماڻو نوناري) ٺل ۾ جدوجھد ايڪشن ڪاميٽي پاران پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف جمال جوش ٻرڙو سرواڻ لاشاري، مفتي نظام الدين بنگلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  سول اسپتال روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪندي پريس ڪلب آڏو روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ مظاهرين چيو ته ٺل جي شهرين لاءِ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن ڪري شهري پيئڻ جو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن هنن چيو ته اسڪيم جي ڪم ۾ مبينا ڪرپشن ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪم ۾ ناقص مٽريل استعمال ڪيو ويو آهي جيڪا اسڪيم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ان ۾ لڳايل پائيپ زنگجي ۽ ڪٽجي ويا آهن هنن چيو ته شهري کارو پاڻي واپرائڻ جي ڪري پيٽ جي بيماري سميت ڪاري ڪامڻ ۾ به مبتلا بڻجي ويا آهن پر پوءِ به اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿو ڪرايو وڃي هنن گهر ڪئي ته مٺي پاڻي جي اسڪيم مڪمل ڪري شهرين کي پاڻي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.