مائنس ون فارمولو !مڪمل ٿي ويو آھي يا اڃا اڻپورو آھي !؟

تحرير؛ زاهد علي ڀٽو

هونئن ته سموري دنيا جي تقريبن هر ملڪ ۾ اقتدار جي حاصلات لاءِ پردي جي اڳيان ۽ پردي پويان سازشون ٿينديون رهنديون آھن . اسلامي دنيا جي مذهبي طور عقيدتن جي محور۽ مرڪز ملڪ سعودي عرب ۾ بادشاهت ماڻڻ لاءِ ڀاءُ ڀاءُ جي خون جو دشمن ڏٺو ويو آھي . ايئن ايران جي سياست  به اندرين توڙي ٻاهرين سازشن جي ورچڙھيل رهي آھي .دنيا جو سپر پاور ملڪ آمريڪا  به  سي آءِ اي جي ٽرڪ سازين جي ڄار ۾ ڦاٿل رهيو آھي۔ 

اقتداري سازشن جي حوالي سان پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان ڏانهن ڏسجي ٿو ته هتي لقاءَ ئي ٻيا آھن۔

 پاڪستان جي سياسي تاريخ به ڏاڍيءَ عجيب غريب رهي آهي۔جيئن سياست ۽سياستدان ڪنهن عام غريب پاڪستاني جي وس ۾ ناهي تيئن ئي سياست جي شطرنج جهڙي راند جي رانديگرن جي ڏور انهن کان ڏاڍن جي هٿ وس رهي آھي۔اهي وڏا سردار ترم خان  سياستدان سگهارين ڌرين آڏو بيوس ۽ لاچار رهندا آيا آھن۔

لياقت علي خان کان وٺي  پاپولر ۽ ذهين سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو تائين۔خاص نرسريءَ مان تربيت ماڻي سياست ۽اقتدار جي مسند جا مزا ماڻيندڙ ميان نوازشريف توڙي خاص اسائنمينٽ تحت پالي سنڌ جي سياست ۾ ٿاڦيل الطاف کان وٺيءَ استعمال ڪري ڦٽيءَ ڪيل آفاق تائين ،عشرت العباد هجي يا مصطفيٰ ڪمال ،  سڀ کي هڪ هڪ ڪري سائيڊ لائين ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ شھيد جمهوريت محترمه بينظير صاحبه کان وٺيءَ مفاهمت جي بادشاھ آصف زرداريءَ تائين سڀ خوشيءَ سان يا مجبورن انهن سگهارين ڌرين جي ”صلاح“ کان سواءِ سياسيءَ ميدان ۾ پير ٽڪائي نه سگهيا آھن نه هلي سگهندا۔عالمي سطع تي مڃيل مڃايل ليڊر محترمه بينظير صاحبه جمهوريت بچائڻ خاطر ميثاق جمهوريت توڙيءَ ٻيا ڪيئي قدم کنيا۔پر وقت سان گڏ سڀ ڍير ٿيندا ويا۔هتي ان پِٽاڙ جو مقصد صرف اهو ته هن ملڪ ۾ طاقتور ڌرين جي هميشه هڪ مکيه ايجنڊا رهي آهي ته عوام ۾ مقبول ليڊرن کي سائيڊ لائين ڪيو وڃي۔ اهي ڀلي مين اسٽريم سياست جا ليڊر هجن يا لساني طور ٺهيل تنظيمن جا نام نهاد اڳواڻ هجن ،تن مان ڪن کي مال ملڪيت ڏئي خريد ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾مهراڻ  بينڪ اسڪينڊل۽ اصغر خان ڪيس آڏو آھن۔

گذريل ڪجھه عرصي کان پاڪستاني سياست ۾ مائنس ون فارمولا منصوبي  تي عملدرآمد ٿيندي نظراچي پيو پر ان فارمولا واري ايجنڊا تي عملي ڪم منهنجي نظر ۾ شايد لياقت علي خان جي دور کان يا شيخ مجيب کي سائيڊ لائين ڪرڻ کان شروع ٿيو۔پوءِ آھستي آھستي ان  خيال خواهش جي تڪميل هن مهل تائين مرحلي وار جاري آھي۔جنهن تحت  الطاف حسين مائنس ايم ڪيو ايم۔پ پ پ مائنس محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽  نون ليگ ميان نوازشريف  مائنس تائين فارمولا ڪامياب رهيو آھي.

عمران خان جي تبديلي  حڪومت جنهن کي مالڪن جي سليڪٽڊ حڪومت  چيو وڃي ٿو ۔  ڪورونا وبا ۾ صحيح Tackle نه ڪرڻ،آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري،تازو ڊالر کان وٺي  تيل جي اگهن ۾ واڌ ،مهانگائي،معاشي بحران ٽي ٽي پي توڙي  ٽي ايل پي وارن مامرن ۾ وزيراعظم عمران خان منجهيل رهيو کيس هو ايترو سوڙھو ٿي ويو هو جو خبرون پئي هليون ته همراھ کي اجهو وزيراعظم هائوس مان ٽپڙ گول ڪرايا ويندا ۽ سندس سموري حڪومت کي ختم ڪرڻ بدران ان هائوس تبديلي ذريعي کيس اقتدار کان هٽائي ساڳي تحريڪ انصاف حڪومت هوندي پر وزير اعظم عمران نه بلڪه سندس ڪابينا جي پرڏيهي وزير سيّد شاھ محمود قريشي  کي وزيراعظم بڻايو ويندو ۽ پي ٽي آءِ مان به عمران جو  پتو ڪٽي شاھ محمود قريشي حوالي ڪئي ويندي۔ ان افواهن ۾ ڪيتري صداقت آهي سان صحيح خبر ته هڪ  الله تعالٰي کي ۽الله جي رسول صه کي ۽ ٻيو ”مالڪن “کي  .! هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو مشن مائنس ون فائنلائيز ٿي چڪو آهي يا اڳتي به جاري رهندو ؟

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.