حيدرآباد: عيني بلوچ جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڦيرڦار، ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مڙس هٿان قتل ٿيل عورت قرت العين عرف عيني بلوچ جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ مبينا ڦيرڦار، جاچ آفيسر پاران ڪيس جي جاچ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ۽ جيل ۾ قرت العين جي/ قاتل کي بي ڪلاس جون سهولتون ڏيڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ وارثن پاران ڪالهه نسيم نگر چوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.  ان موقعي تي عيني بلوچ جي ماء آمنه بلوچ، ڀاءُ ثناءُ الله بلوچ، معصوم نياڻي زھرا، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو، ايس يو پي جي امير آزاد پنهور، ماروي اعواڻ، پشماري ڪماري ۽ ٻين چيو ته مقتولا عيني بلوچ جي ڊي اين اي رپورٽ تيار ڪندڙ 4 ڊاڪٽرن رپورٽ ۾ ڦيرڦار ڪري ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پوليس پاران قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم ڳالهين کي نظرانداز ڪيو ويو. هنن چيو ته گرفتار جوابدار عمر خالد ميمڻ کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بي ڪلاس جون سهولتون فراهم ڪري مهمان ڪري ويهاريو ويو آهي، جنهن جي مهمانوازي ۾ جيل پوليس مصروف آهي. هنن چيو ته جوابدار ڌر پاران فريادي ڌر کي جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ واري ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.