گوڏن جي سُور جا سبب سامهون اچي ويا، سولو حل

وٽامن ڊي جي کوٽ ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿي جن ۾ اوسٽيو مليشيا ۽ اوسٽيو پوروسس وغيره شامل آهن.

گوڏن ۾ سُور وٽامن ڊي جي کوٽ جي ڪري ٿيندو آهي، اهي ماڻهو جي سج جي روشني مان گهربل مقدار ۾ وٽامن ڊي حاصل نٿا ڪري سگهن اهي جوڙن جي سُور جو شڪار بڻجي ويندا آهن.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻهو اهڙا آهن جيڪي گوڏن جي سُور ۾ مبتلا آهن ۽ زندگي جو معمول ادا ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن.

ماهرن اهڙي سڀني متاثر ماڻهن جي لاءِ هڪ ننڍو ليزر آلو متعارف ڪرايو آهي جنهن جي مدد سان خاص ليزر روشني ڏئي سُور کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

ني پلس نالي ان آلي ۾ ٻنهي پاسن کان روشني خارج ڪندڙ ٻه آلا آهن جيڪي مخصوص روشني گوڏن جي گهرائي ۾ موڪليندا آهن، ان عمل کي لائيٽ ٿراپي به چيو ويندو آهي جنهن جو ٽيڪنيڪي نالو فوٽو ماڊيوليشن به آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.