اسلامو فوبيا ۾ مبتلا ڀارتي اينڪر کي دبئي گهرائڻ تي اماراتي شهزادي ڪاوڙجي پئي

 

شارجا (ويب ڊيسڪ) اسلامو فوبيا ۾ مبتلا هندو انتهاپسند صحافي سڌير چوڌري کي دبئي ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي گڏيل عرب امارتن جي شهزادي انتظاميا تي ڏمرجي پئي.

شارجا سان واسطو رکندڙ شهزادي هند بنت فيصل القاسمي دبئي ۾ ٿيندڙ هڪ عالمي فنڪشن ۾ هندو انتهاپسند نظريا رکندڙ ڀارتي صحافي کي دعوت ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

شهزادي هند پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته جيڪو اسلام ۽ مسلمانن خلاف بڪواس ڪندو آهي، ان کي امن پسند روادار ملڪ ۾ ڇو گهرايو ويو؟

هڪ ٻئي پيغام ۾ هن لکيو ته سڌير چوڌري جا شوز مڪمل طور تي اسلامو فوبيا بابت هوندا آهن، جنهن ۾ ڀارت جي 20 ڪروڙ مسلم آبادي کي نشانو بڻايو ويندو آهي.

شهزادي هند وڌيڪ لکيو ته هندو انتهاپسند صحافي جا گهڻي ڀاڱي پرائم ٽائم شوز ڀارت ۾ مسلمانن خلاف سڌي ريت تشدد جو سبب بڻجندا آهن.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن فنڪشن جي انتظاميا کان پڇيو ته توهان ڪير ٿيندا آهيو هڪ اسلام مخالف شخص کي منهنجي پرامن ملڪ ۾ دعوت ڏيڻ وارا؟

واضح رهي ته سڌير چوڌري کي 2012 ۾ هڪ ڀارتي صنعتڪار کان 10 ڪروڙ رپيا ڦٻائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هو هڪ مهيني تائين جيل ۾ به رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.