ڀريا ڀرسان ويگو گاڏيون کڻي ويندڙ ٽرالر ڦر

ڪنڊيارو (ن ع آ) نامعلوم ويگو ۾ سوار ھٿياربند ٽولو ڊرائيورن کي يرغمال بڻائي ويگو گاڏين سان لوڊٿيل ٽرالر ڦر ڪري ويا۔هٿيار بندن جا ساٿي ڦر ڪيل ٽرالر ڪنڊيارو ڀرسان ٻه وي ايٽ ويگو گاڏيون لاھي ٽرالر ڇڏي ويگو گاڏيون ڪاهي  فرار ٿي ويا۔هٿياربند يرغمال بڻايل ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽرن کي قاضي احمد ڀرسان تشدد ڪري هٿ ۽ اکيون ٻڌي ڪمند ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا۔ آزاد ٿي آيل ٽرالر وٽ پهتل ڊرائيورن احسان،محمد حسنين ۽ محمد عامر صحافين کي ٻڌايو ته هنن کي ڀريا سٽي ڀرسان يرغمال بڻائي ويگو گاڏين سان لوڊ ٿيل ٽرالر ڦر ڪري اڇي ڪلر جي ويگو گاڏي ۾ ويهاري مارڪٽ بعد قاضي ۾ ڦٽو ڪيو ويو جتان ٽيڪسي ڪري قومي شاهراهه سان ٽرالر جي ڳولا ڪئي جيڪو هٿياربند ڪنڊيارو ڀرسان پمپ ويجھو بيھاري ويگو گاڏيون لاھي ڪاھي فرار ٿي ويا۔اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ڪنڊيارو هٿ ڪيل ٽرالر وٽ پهچي ڊرائيون کان  ڦر واقعي جا تفصيل ورتا۔آخري اطلاعن تائين ڦر واقعي جي جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.