غوثپور جي گرد واري ۾ ۾ بابا گرو نانڪ جي جنم ڏڻ جي تقريب

غوثپور (ن ع آ) سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ رھندڙ سک پنٿ ۽ ھندن جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ صاحب جو 552 ساله جنم دن جون تقريبون مذھبي جوش ۽ جذبي سان جاري آھن۔ شھر جي بابا غريب داس مندر ۾  مذھبي پوجا پاٺ شروع۔۔وڌيڪ تفصيل موجب ھندو ۽ سک پنٿ جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ صاحب جو 552 ساله جنم دن ھر سال جيان ھن سال به سنڌ ۾ رھندڙ ھندو برادري وڏي جوش جذبي ۽ عقيدت مندي ۾ ملھائي رھي آھي۔ ان سلسلي ۾ اڄ شھر جي قديم بابا غريب داس مندر ۾ گرو گرنٿ جو پاٺ پڙھيو ويو۔ آيل سوين عقيدتمندن کي بابا گرو نانڪ جي جنم دن جي مناسبت سان سندس حياتي بابت واقعا ٻڌايا ويا ته ھو ھڪ فقير طبيعت درويش ھيو جيڪو مذھبي مت ڀيد کان ھٽي پوري زندگي انسانيت جو پرچار ڪندي گذاري۔ .ان موقعي تي تقريب ۾ سوين مرد توڙي عورت عقيدت مندن شرڪت ڪئي۔ پروگرام ۾ آيل عقيدتمندن ۾ مٺايون ورھايون ويون۔۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.