علي نواز ٻٽ کي جيئن مون ڏٺو

تحرير؛غلام سڪينه ٻٽ

اسان جي خاندان ۾ ڪل ٽي ٻار هيا سون، آءٌ، منهنجو وڏو ڀاءُ نياز حسين ۽ علي نواز. علي نواز اسان کان وڏو هيو، خاندان ۾ ٻي ڇوڪري نه هئي ان ڪري آءٌ هنن سان ئي راند کيڏندي هيم.

علي نواز جيئن ته لاڏلو هيو ان ڪري هر وقت ڪونه ڪو نقصان ڪندو هيو، گهر ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو هيو، اگرچه اسان جي مائٽن طئي ڪري ڇڏيو هيو ته علي نواز ۽ غلام سڪينه جي شادي ڪرائينداسون، پر اسان کي خبر نه هئي. آءٌ اڃا چوٿين ڪلاس ۾ هيس ته منهنجو بابا سائين، گل حسن ٻٽ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو ۽ پنجين درجي کان پوءِ منهنجو پڙهڻ بند ڪيو ويو ۽ پابندي لڳائي وئي ته گهر کان نه نڪرنديس. هاڻ منهنجو ڀاءُ ۽ علي نواز آيا هيا ڇو ته آءٌ سندن پيڇو نه ڇڏيندي هيس.

علي نواز مئٽرڪ ۾ هيو ته اسانجي شادي ٿي 13 ذوالحج جي شام جو نڪاح ٿيو رات جو اسان لائون لڌيون. مئٽرڪ وارو سال علي نواز، سوجهرو ڳورڙ ۾ رهندو هيو جتي ادا نظير احمد ۽ هي گڏ پڙهندا هيا ۽ محترم چاچا الهرکيو ڳورڙ کان رهنمائي وٺندا هيا.

مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ علي نواز لاڙڪاڻو ڊپلومه ڪرڻ ويو ۽ ٽي سال لاڙڪاڻي ۾ رهيو، ڇنڇر آچر ڳوٺ ايندو هيو. هڪ ڏينهن منهنجي سهري محمد پريل جو ڪو دوست آيو، جنهن ٻڌايس ته ”هو لاڙڪاڻي ويو هيو، اتي علي نواز ساڻس مليو هٿ ۾ ڪهاڙي هيس هڪ وڏو شاگردن جو جلوس هيو، پوليس شاگردن کي لٺيون هنيون خبر ناهي ته صورتحال ڇا ٿي.

ٻئي ڏينهن منهنجو سهرو پنهنجي هڪ ٻن سان گڏ لاڙڪاڻي ويو، هاسٽل تي علي نواز سان مليا ۽ واپس آيا. ٻڌايائون ته “شاگردن جو احتجاج هيو،، خير آهي.” علي نواز ان وقت پولي ٽيڪنڪ جي شاگرد يونين جو صدر هيو ۽ جيئي سنڌ جو سڏائيندو هو، شايد 1972ع جو سال آهي، ڪنهن ماڻهوءَ منهنجي سهري کي اطلاع ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ شاگردن جي جهيڙي ۾ علي نواز زخمي ٿيو آهي، اسان ڏاڍا پريشان ٿياسون، منهنجي سس (پڦي) حاڪمزادي علي نواز جي والده تمام گهڻو پريشان ٿي، وري منهنجو سهرو محمد پريل، ڏاڏو غلام محمد ۽ ماما روشن ٻٽ گڏجي لاڙڪاڻي ويا ۽ موٽي آيا علي نواز کي به وٺي آيا، هن کي کٻي ٻانهن ۾ ڇرو لڳل هيو، ٽاڪا لڳل هيس. ٻئي ڏينهن واپس ويو جو سندس امتحان هلندڙ هيا. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران آخري سال ۾ علي نواز بيمار ٿيو، سندس ٻه سال علاج هليو هن جي طبعيت ڪافي بهتر ٿي وئي، ڳوٺ ۾ رهائش دوران ڪو مسئلو ٿيو جنهن تي علي نواز جذباتي ٿي ويو، نقصان ڪرڻ کان بچي ويو. پر جيڪا صورتحال ٿي اها ناظم جوکيو جي خاندان جهڙي هئي، سمورن مائٽن مٽن انهيءَ ۾ بهتري سمجهي ته رات پيٽ ۾ علي نواز ۽ سندس والد ڳوٺ ڇڏي وڃن. هو رات جو گهر نه آيا ۽ سوجهرو ڳورڙ هليا ويا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ علي نواز جو والد آيو ۽ سمورن گهر ڀاتين کي وٺي ويو، اسان هڪ سال ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ ۾ رهياسون. چاچا محمد صادق اسان کي ڌار گهر ٺاهڻ نه ڏنو ۽ پاڻ سان رهايائين. علي نواز جو والد مينهون ۽ ان به کڻائي آيو، محمد صادق ان جي منع ڪئي ۽ چيائين ٻيهر نه کڻي اچج، هو تمام قربائتو هيو، سرائي ڳورڙن سان اسانجي وڏن جو گهريلو رستو هيو/آهي، ڀائرن جهڙو آهي علي نواز جي والد کي تمام گهڻو ڀائيندا آهن ۽ هاڻ علي نواز سان به ساڳيو تعلق قائم اٿن. هڪ سال کانپوءِ ٺاهه ٿيو ۽ اسان واپس، پنهنجي گهر آياسون.

علي نواز ننڍي هوندي تمام ڏنگو هيو، پر وڏو ٿيو ته صفا ٿڌو ٿي ويو، هو پنهنجي والد سان هر ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هيو، رونبو، لابارو، ڳاهه، مال چارڻ، گاهه ڪرڻ. سڀ ڪم ڪندو هيو.

ڳوٺ کان ٿرڙي محبت اٺين جماعت تائين پنڌ ايندو ويندو هيو، ميهڙ بس ۾ ايندو ويندو هيو، مئٽرڪ وارو سال ڳورڙن ۾ رهيو جنهن جو مون ذڪر ڪيو.

علي نواز ننڍو هيو ته سندس ننڍو ڀاءُ وفات ڪري ويو، سندس والد ۽ والده مخدوم بلاول تي باس باسي ته پٽ ڄمندو جوڙو ٿيو ته پاڃاري ۾ جوٽي سکان ڏينداسون ۽ پوءِ اها سکا ڏني وئي هئي. علي نواز مئٽرڪ جي امتحانن وڏن ڏينهن ۾ ميهڙ هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ نظير احمد سان گڏ رهندو هيو ۽ امتحان جي تياري ڪندو هيو، انهيءَ عرصي دوران سندس ننڍي ڀيڻ وفات ڪري وئي جنهن جي منهن ڏسڻ تائين نه پهچي سگهيو ۽ پوءِ تمام گهڻو رنو هيو.

علي نواز لاڙڪاڻي مان ڊپلومه ڪري آيو ته کيس فريدآباد ۾ انسٽرڪٽر ڪري رکيائون پر منهنجي ڪوشش هئي ته ڪنهن ٽيڪنيڪل اداري ۾ ملازمت وٺاءِ پوءِ ڪي اي ايس سي ۾ 1975ع ۾ لڳو، هڪ ٽريننگ کان پوءِ 1976ع ۾ سپروائيزر ٿيو. آءٌ ڳوٺ هيس، هي مهيني تي پگهار وٺي ايندو هيو، ڪجهه سالن کانپوءِ ادا، نادر علي کي به ڪراچي۾ نوڪري ملي وئي، ادا خادم حسين (مختيار) کي به ڪراچي ۾ نوڪري ملي ته علي نواز ۽ نادر علي آيا ۽ پنهنجي والد ۽ والده کي چيائون ته اسان ٻار وٺي وينداسون ۽ پوءِ اسان ڪراچي ۾ رهڻ لڳاسون. اسان ڪراچي آيا سون ته علي نواز اڳ ۾ ئي جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌي پورهيت سنگت ۾ متحرڪ هيو، خاص طور آچر جو سڄو ڏينهن هو تنظيم جي ڪم سان هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن به هليو ويندو هيو، اسنا جڏهن ڳوٺان آياسون ته علي نواز وارا صاحبداد ڳوٺ ۾ مسواڙي جاءِ ۾ رهندا هئا، اها جاءِ ڇڏيائون ته ملير مندر پويان دولت رام بلڊنگ ۾اچي رهائش اختيار ڪيائون، 1983ع جي تحريڪ دوران اها جاءِ ڇڏيائون ۽ ليبر اسڪوائر ۾ هڪ فليٽ ۾ اچي رهيا جيڪو پوءِ خريد ڪيائون. 1988ع جي فسادن کانپوءِ ڪي اي ايس سي ڪالوني ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائون، هتي علي نواز وٽ ٻه ڪوارٽر هيا هڪ پنهنجي نالي تي ۽ ٻيو سندس دوست جي نالي تي.

پهرين آڪٽوبر 1989ع تي جهنڊو ڪيس ٿيو. سائين جي ايم سيد ۽ ان جي ڪيترن ئي ساٿين کي 9 آڪٽوبر تي گرفتار ڪيو ويو، علي نواز به گرفتار ٿي ويو ۽ 14 مهينا سکر ۽ خيرپور جيلن ۾ گذاريائين جتي اسان ڪيترا دفعا ملاقات لاءِ وياسون. سندس آزادي کانپوءِ ته ڪي اي ايس سي ۾ ماڻهن جا ميڙا هوندا هيا، روزانو 40 کان پنجاهه ماڻهن کي چانهه پياريون، اضافي گهر هئڻ ڪري ڪيترا ته رهيا پيا هوندا هئا، سائين عبدالواحد آريسر، گهرواري سميت ايندو هيو، ناري تحريڪ جون ڪئي ۽ ميٽنگون ٿيون جنهن ۾ ادي سلطانه، ادي صبحانه، امڙ منيره اڪرام ۽ ٻيون عورت اڳواڻ اينديون هيون. آءٌ گهر گهر وڃي عورتون گڏ ڪندي هيس پوءِ هي تقريرون ڪنديون هيون. سائين آديسي، ادا عبدالخالق، سائين سرور، ادا فيض الله جوڻيجو، به مختلف وقتن تي اچي عورتن کي سمجهاڻيون ڏيندا هيا.

علي نواز جي نوڪري دوران مون کي عوروتن چونديون هيون ته فلاڻو گهٽ نوڪري وارو آهي ان جو گهر ڏسو سامان سان ڀريو پيو آهي، ٻٽ صاحب ته آفيسر آهي ۽ يونين جو به اڳواڻ آهي پوءِ توهان ڇو سادگي ۾ ٿا گذاريو؟ مون اها ڳالهه علي نواز سان ڪئي چيائين ته اهي جيڪو ڪم ڪن ٿا اهو ڪم چوين ته ڪريان، مون ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي ۽ چيو ته اسان کي حق حلال گهرجي، هن زندگي سادگي سان گذاري، پر ڪوشش ڪيائين ته ٻار پڙهائي، پاڻ تنظيمي ڪمن ۾ مصروف ٻارن جي خبر ئي نه هوندي هيس ته ڪهڙي ڪلاس ۾ آهن. پر پوءِ به پنهنجي پٽ ۽ ڌيئن کي يونيورسٽي تائين پهچايائين، وڏي ڌيءَ زولاجي ۾ پي ايڇ ڊي آهي، پٽ محمد لائق ۽ ٻه ڊبل ايم اي آهن. اڃا نوڪريون نه مليون اٿن، محمد لائق خانگي اداري ۾ ڪندو آهي، الله ۾ آسرو آهي ته ٻار ڪٿي نه ڪٿي روزگار سان لڳي ويندا، هي پگهار ٽي حصا ڪندو هيو، حصو والد کي، حصو گهر ۽ حصو پاڻ رکندو هيو جيڪو تنظيمي ڪمن تي خرچ ڪندو هيو.

علي نواز 2011 ۾ رٽائر ٿيو ته ڪي اي ايس سي ڪالوني ڇڏيائين. هاڻي گلشن حديد ۾ رهائش آهي. سندس مشغلو ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ آهي. سندن جماعت ٽٽي وئي پر ڪجهه دوستن سان کنڊرات تي ٿڏو وڇايو ويٺو آهي، هاڻي اڳي وارو جوش ڪونهي عمر وڏي عمر ٿي وئي اٿس، پر سيد سان ساڳي محبت اٿس، ڪئي ماڻهو آيا جن چيس ته اسان سان شامل ٿي پر هن جواب ڏنو، ته سيد جي نظريئي لاءِ ڪجهه ڪري نٿو سگهان پر بي وفائي نه ڪندس. هو هاڻ به پنهنجن ٻارن کي پڙهڻ جي هدايت ڪندو آهي. ڏيڍ مهيني کان بيماري جي حالت ۾ گهر ۾ آهي، نه ته مهيني ۾ ڪجهه ڏينهن ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن نڪري ويندو هو. منهنجي دعا آهي ته خدا کيس صحت ڏئي. نوٽ: مون ٻارن جي اصرار تي مختصر قصو کين ٻڌايو جيڪو هنن قلم بند ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.