چئُه! جو توکي چوڻو آ……

شھيد روبينه اڄڻ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وڃي

ھي درد ناڪ ڪھاڻي آهي کھڙا واسي انهيَ مسڪين قلم ڪار شاعر مبين اڄڻ جي ناحق قتل ٿي ويل ايڪويھه سالا گريجوئيٽ ڀيڻ روبينا اڄڻ جي جيڪا ڪجهه وقت اڳ ڪوٽڏيجي ۾ درگاهه ڪٽبر تعلقه ڪوٽڊجي تي زيارت لاءِ پنهنجي جيجل امڙ سان گڏ وئي ھئي انهيَ درگاهه تان مجاور  عورت روبينه اڄڻ کي اغوا  ڪارن سان ملي اغوا ڪرائي ٿي  جنهن کانپوءِ روبينه اڄڻ وارثن کي نه ملي سگهي. روبينا اڄڻ جي گمشدگي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ روھڙي ڪئنال مان ھڪ لاوارث لاش ھٿ آيو جنهن جي ٻانهن ۽ ڄنگهه پڻ ڀڳل ھئي ۽ وارن جي چوٽي پڻ ڪٽيل ھئي ر

وھڙي ڪئنال مان ملندڙ ان لاش لاوارث ڄاڻائي دفن ڪيو وڃي ٿو ٻئي مقتول روبينا اڄڻ جي جھور ماءُ بي حال ٿي ڪري در در ھنجون ھاريندي پنهنجي نخرن سان پاليل پياري نياڻي جي لاش جي گھر ڪري ٿي ته کيس روبينه جو لاش ئي ڏنو وڃي ته جيئن ھو شھيد روبينه اڄڻ جي لاش مٿان ھن سماج جي بي حسي ۽ ٿيل ناحق جون ھنجون ھاري سگهي ته پاسي شھيد روبينه اڄڻ جو ڀاءُ ليکڪ مبين اڄڻ ھٿ ۾ پوسٽر کڻي پنهنجي پياري ڀيڻ جي لاش جي لاءِ در در ڀٽڪي ٿو ان کانپوءِ ھڪ مھينو گذرڻ بعد مقتول روبينه اڄڻ جو لاش خيرپور سيشن ڪورٽ جي حڪم تي قبر ڪشائي بعد وارثن حوالي ڪيو وڃي ٿو.

پر افسوس قبر ڪشائي کي پنج مھينن گذرڻ باوجود ڄامشورو لمس انتظاميا پڌرو نه ڪري آھي ڪوٽڏيجي ڪورٽ سڳوري ۾ جج جي آڏو ٻه گرفتار جوابدار اعتراف ٿا ڪن ته ھنن روبينه اڄڻ کي درگاهه تان اغوا ڪري لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ کيس بيدردي سان  قتل ڪيو ۽ سنڌ جي غيرتمند نياڻي روبينه اڄڻ  پنهنجي غيرتمندي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي لڄ ۽ جان جي دفاع ۾ انهن درندن ۽ ظالمن کي رانڀوٽا ۽ ٿڪون به ھڻي ٿي,مزاحمت ڪري پئي.

ھاڻي سوال اھو آهي ته ڇا اسان جو سماج بيدردي سان قتل ڪيل روبينه اڄڻ جي خون سان انصاف خاطر اٿي کڙو ٿيندو؟آئون سمجهان ٿو ھر باشعور ماڻهو کان شھيد روبينه اڄڻ جو ناحق خون پڇي ٿو ته اسين ھن الميي تي اڃان به، خاموش ڇو آهيون؟اسان سڀني کي شھيد روبينه اڄڻ جي خون سان انصاف لاءِ پنهنجو آواز اٿارڻ گھرجي ۽  اسان سمورن اعليٰ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته مقتول روبينه اڄڻ جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي مقتول جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ پوسث مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وڃي جيئن قاتل قانون جي ڪٽھڙي ۾ اچي سگھن ۽ وري ڪنھن ٻي روبينه اڄڻ سان اھڙو ظلم ٿي نه سگھي

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.