سينيٽ ۾ نمبر پورا ڪري پوءِ حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪريو: شهباز گل

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي ترجمان ۽ سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته اسان جڏهن حڪومت سنڀالي تهڪيترائي چيلنجز درپيش هئا، مخالف ڌر هر معاملي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، سڄي دنيا ۾ سيون مهانگيون ٿي رهيون آهن، اپوزيشن اوور سيز کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر عمران خان اوورسيز کي ووٽ جو حق ڏئي ڇڏيو آهي، سمورا اوورسيز پاڪستاني سياست کي چڳي طرح سمجهن ٿا، سينيٽ ۾ چار بل پاس ٿيا پر اپوزيشن جا 20 ميمبر موجود نه هئا. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چوري جو اليڪشن کٽڻ وارن کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو آهيشهباز گل چيو ته ڪالهه سينيٽ مان چار اهم بل پاس ٿيا ان وقت اپوزيشن جا 20 سينيٽر موجود نه هئا، اڳ ۾ سينيٽرز پورا ڪريو پوءِ عمران خان جي حڪومت ختم ڪرڻ جو سوچيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.