ڪراچي ۾ ڦورو عورت جو سهارو وٺي هوٽل واري کان ڦر ڪري ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦورن ڏوهن لاءِ نئون طريقو اختيار ڪري ورتو آهي، پوليس جي ناڪابندي ۽ سنيپ چيڪنگ کان بچڻ لاءِ هاڻي ڦورو عورتن کي ڪارڊ طور استعمال ڪري رهيا آهن، ڪالهه اجمير نگري ۾ ڦورو هڪ عورت جي مدد سان هڪ هوٽل واري کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري ويا، واقعي جا سي سي ٽي وي ڦوٽيجز به ھٿ ڪيا ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي ڦوٽيجز جي مدد سان ڦورو جوڙي کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

  • سھراب ڳوٺ ڀرسان روڊ حادثي ۾ عورت فوت ٿي وئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ڀرسان سپر هاءِ وي تي چاڪر ھوٽل وٽ روڊ حادثي ۾ 50 سالن جي رخسانا زال شريف فوت ٿي وئي،  پوليس پھچي عورت جو لاش ڪاروائي جي لاءِ عباسي شھيد اسپتال پھچايو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.