اعجاز چوڌري جي خادم رضوي جي مزار تي حاضري، سعد رضوي سان ملاقات

لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف سينٽرل پنجاب جي صدر سينيٽر اعجاز چوڌري ٽي ايل پي جي باني خادم حسين رضوي جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتح خواني ڪئي، جنهن کان پوءِ هن سعد رضوي سان ملاقات ڪري گلدستو پيش ڪيو، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سعد رضوي کي آزاد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيڻ ۽ گلدستو پيش ڪرڻ آيو هئس، اسان جي ذميواري آهي ته اهڙي ليڊرشپ سان رابطي ۾ رهون جيڪي ٻين کان مختلف آهن، صحافين سوال ڪيو ته توهان وزيراعظم جي اجازت سان سعد رضوي سان ملاقات ڪئي آهي؟ جنهن تي هن چيو ته آئون وزيراعظم جي اجازت کانسواءِ ڪنهن سان به ملاقات نه ڪندو آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.