ٻٻرلوءِ ڀرسان معصوم نينگر بدفعلي بعد سروٽا هڻي قتل

خيرپور( ڊر/ س ر) خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد دوهو واري علائقي ۾ هندو نينگر جوابدارن بدفعلي بعد قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، 12 ورهين جي نينگر ڪانها ڪمار سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد کيس بي دردي سان قتل ڪرڻ واري متعلق خيرپور جي ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن انعام شاهه ولد سيد سچل شاهه ۽ مدثر ولد ولد مشتاق مڱڻهارکي گرفتار ڪري جوابدارن طرفان واردات ۾ استعمال ڪيل سر، هڪ عدد وهاڻو ۽ معصوم نينگر پاران جوابدارن سان مزاحمت دوران سندن رت وارا ڪپڙا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي، لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ سان گڏ سندس ڊي اين اي ٽيسٽ پڻ ڪرائي وئي آهي، جنهن جي ابتدائي رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته معصوم نينگر ڪانها ڪمار کي بدفعلي بعد سروٽن جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو ويو، قتل جي فرياد ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويندا، جيڪڏهن معصوم نينگر جا وارث ڪيس جا فريادي نه ٿيا ته پوليس طرفان جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، گرفتار ٿيل جوابدارن جي ڪردار متعلق ڄاڻ ورتي ويئي آهي،جنهن ۾ سئو سيڪڙو علائقي واسين شهادتون ڏنيون آهن ته جوابدار اهڙن ڏوهاري سرگرمين جا عادي مجرم رهيا آهن، پريس ڪانفرنس دوران واقعي ۾ ملوث جوابدارن پڻ معصوم نينگر سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ کيس بيدردي سان قتل ڪرڻ جوا عتراف ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.