شگر ملز ڪيس، شهباز ۽ حمزه شهباز جا شريڪ جوابدار جاچ ۾ شامل

لاهور (م ڊ) لاهور جي بينڪنگ ڏوهن واري عدالت العربيا ۽ رمضان شوگر ملز ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 11 ڊسمبر تائين توسيع ڪندي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي شريڪ جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کي چالان جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چالان بابت پڇيو ته هن ٻڌايو ته ڪيس ۾ اهم جوابدار محمد عثمان ضمانت ڪرائي ورتي آهي ۽ جاچ ۾ پيش ناهي ٿي رهيو، جن اڪائونٽس ۾ کنڊ مني لانڊرنگ جا پيسا آيا، انهن جي گرفتاري جو حڪم پڻ جاري ناهي ٿيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته سمورن جوابدارن کي جاچ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهيون، نه ته سڄي جاچ ٽيم کي شو ڪاز نوٽس جاري ڪنداسين ٻڌڻي دوران شهباز شريف عدالت ۾ چيو ته رمضان شگر مل منهنجو ڪاروبار ناهي، اها منهنجي پيءَ جي هئي، تنهن ڪري ان سان منهنجو ڪو واسطو ناهي، منهنجي قدمن سبب منهنجي ٻارن جي شگر ملز کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، هي اهو ئي ڪيس آهي، جيڪو نيب ۾ به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.