حڪومت مان ڇوٽڪارو ئي بحرانن مان ڇوٽڪارو آهي: شهباز شريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي کانپوءِ گئس بحران حڪومتي ناڪامي آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته حڪومت جي نااهلي جي سزا عوام کي ملي رهي آهي، عوام کي بي وسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ حڪومتي بي حسي آهي.

هن چيو ته مهانگائي کانپوءِ گئس جو بحران حڪومت جي ناڪامي آهي، گئس ٽرمينل موجود آهن پر حڪومت وقت تي گئس جو بندوبست نه ڪري سگهي.

سندس چوڻ هو ته عوام کي ڏکيائين، مسئلن، مهانگائي ۽ بي وسي حوالي ڪيو ويو آهي، حڪومت مان ڇوٽڪاري سان ئي ملڪ کي بحرانن مان ڇوٽڪارو ملي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.