ڪراچي: انٽرميڊئيٽ پري ميڊيڪل جي نتيجن جو اعلان ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ انٽرميڊئيٽ سيڪنڊ ايئر سائنس پري ميڊيڪل جي سالياني امتحانن 2021 جي پهرئين مرحلي جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

انٽر بورڊ چيئرمين موجب سائنس پري ميڊيڪل امتحانن ۾ 22 هزار 219 اميدوارن رجسٽريشن ڪرائي، 21 هزار 950 شريڪ ٿيا ۽ 20 هزار 637 ڪامياب رهيا.

انٽرميڊئيٽ سيڪنڊ ايئر سائنس پري ميڊيڪل جي سالياني امتحانن جي نتيجن ۾ ڪاميابي جي شرح 94.02 سيڪڙو رهي.

انٽر بورڊ موجب 4 هزار 684 اميدوارن اي ون، 2 هزار 795 اي گريڊ، 2 هزار 913 بي گريڊ، 3 هزار 800 اميدوارن سي گريڊ حاصل ڪيو.

پري ميڊيڪل جي سالياني امتحانن ۾ 4 هزار 798 اميدوارن ڊي گريڊ، هڪ هزار 845 اميدوارن اِي گريڊ حاصل ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.