اسلام ڪوٽ: شاگردن ۾ جرسيون ورهائڻ لاءِ  تقريب منعقد

ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي بجلي ڪمپني پاران شاگردن ۾ جرسيون ورهائڻ لاءِ  تقريب منعقد ڪئي وئي.

پرائمري اسڪول ۾ ڪوٺايل تقريب هيڊ آف سيڪيورٽي برگيڊيئر فرخ وسيم خان، ڊپٽي سي اي او چوڌري عبدالقيوم،سيڪيورٽي مئنيجرنعمان احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۾ سردي جون جرسيون ورهايون ويون، جڏهن ته ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ پوري ملڪ مان چوٿين ۽ سنڌ مان پهرين پوزيشن کڻندڙ اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاريو غلام شاھ جي رهواسي شاگرد پرڪاش ڪمار ميگهواڙ کي ليپ ٽاپ ڏنو ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته تعليم کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، اُنهي ڪري اسان سڀني کي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته پنهنجن ٻارڙن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريون ،نياڻي جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.