ساهتي پرڳڻي جي گهڻ رخي ليکڪا ڄام صنم سنڌي کي سڀاڻي ملندڙ ڀيٽا

تحرير؛زرار پيرزادو

¨ ساهتي پرڳڻي جي  هڪ ”تاريخي شخصيت“، ڄام صنم سنڌي جي ڪالمن جي ڪتاب ” ساهه سنديون ڳالهيون“ جي مهورتي تقريب سڀاڻي مورو شهر جي گورنمينٽ ايليمينٽري ٽريننگ ڪاليج (وومين) ۾ ٿي رهي آهي.

¨ ڄام صنم سنڌيءَ کي ان ڪري ”تاريخي شخصيت“ ڄاڻايو اٿم جو مورو جي ئي هڪ سينئر اديب رسول بخش ٻگهيو ڳچيراڻي موجب ساهتي پرڳڻي ۾ مشڪل ڪا اهڙي عورت هجي جيڪا هڪ ئي وقت ڪالم نويس، شاعره، اديبه، نثر نويس، ڪمپيئر، نيوز ڪاسٽر ۽ سماج سڌارڪ رهي هجي.

¨ معنيٰ ته ساهتي پرڳڻي ۾ صنم سنڌي جهڙي ڪا اهڙي عورت ناهي جيڪا گهڻ صلاحيتن جي مالڪ هجي جنهن اندر هڪ ئي جنم ۾ الائي ڪيترن جنمن جيترو ڪم ڪرڻ جي طاقت ۽ حوصلو هجي.

¨ سڀاڻي ساهتي پرڳڻي جي ان گهڻ صلاحيتي ليکڪا کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي جنهن جي ڄام صنم سنڌي حقيقي معنيٰ ۾ حقدار آهي.

¨ اهو ساهتي پرڳڻي توڙي مورو واسين جو فرض آهي ته اهي اهڙي زنده دلي جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي علائقي جي ان باصلاحيت ليکڪا کي ان سطح جو مان ڏين. اسان جس ڏينداسين ”سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت“ کي جنهن اهڙو ماحول جوڙيو آهي جنهن مان خاص ڪري علائقي جون ڇوڪريون وڏو اتساهه ماڻينديون.

¨ صنم سنڌي جنهن علائقي ۾ رهي ڪري اهڙو مقام ماڻيو آهي تنهن کي معجزو ئي چئي سگهجي ٿو ۽ ان جو سهرو صرف ۽ صرف سندس امڙ کي ڏبو جنهن پنهنجن مائٽن جي سخت روايتي مخالفت باوجود پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياري ۽ خاص ڪري صنم کي پنهنجين صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جو جيڪو ڀرپور موقعو۽ ماحول ڏنو سو تاريخي آهي.

¨  ان عيوض کيس جيڪو ڪجهه زماني کان ٻڌڻو پيو هوندو،  طعنا مهڻا برداشت ڪرڻا پيا هوندس تنهن کي اسان سندس شخصي طور تي هڪ وڏي قرباني سمجهون ٿا. ان قرباني عيوض ڄام صنم سنڌي ساهتي پرڳڻي ۾ تاريخي حيثيت ماڻي چڪي آهي ۽ هاڻي سندس مان وڏي اميد آهي ته هوءَ به پنهنجي علائقي جي نياڻين لاءِ رول ماڊل بڻبي ۽ پنهنجي علائقي کي پاڻ جهڙيون سوين هزارين ڇوڪريون پيدا ڪري ڏيندي جيڪي ڄام صنم سنڌي وانگر پنهنجي جنم کي، زندگي کي ۽ زندگي جي مقصد کي سجايو ڪري ڏيکارينديون.

¨ اڄ ڄام صنم سنڌي جي امڙ جسماني طور موجود ناهي پر سندس خانداني ۽ مثالي تربيت جا شاهڪار سماج اندر موجود آهن جيڪي پنهنجو علمي، ادبي، سجاڳي ۽ خدمت وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ماءُ جي روح کي سرخرو ڪري رهيا آهن.

¨ سڀاڻي، جتي ڄام صنم سنڌي لاءِ خوشي جو موقعو هوندو، سندس پهرين ڪتاب جي مهورت ٿيندي سندس ڪتاب، ڪالمن ۽ سندس خدمتن کي خراج پيش ڪيو ويندو. اتي ساڳي وقت، هڪ اداسي ۽ ڪمي به محسوس ٿيندي سا هوندي ڄام صنم سنڌي جي امڙ جي غير موجودگيءَ جي، جيڪا صنم سنڌي جي ڪتاب ڇپجڻ کان هڪ مهينو اڳ گذاري وئي هئي.

¨ ڪاش زندگي کيس ايترو موقعو ڏي ها جو هوءَ پنهنجي تخليق (چندا) جو ڪتاب هٿ ۾ کڻي ڏسي ها. اهو منظر جيڪو ڄام صنم سنڌي لاءِ ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ کان گهٽ نه هجي ها سو منظر بدقسمتيءَ سان  هوءَ ڏسي نه سگهي ۽ ان اعزاز کان محروم رهجي وئي.

¨ ايئن هاڻي ڄام صنم جي زندگي ۾ ايندڙ هر خوشي، ماءُ جي غير موجودگي جو احساس به کڻي ايندي رهندي جيڪا ڪيفيت کيس هڪ لمحي لاءِ ته ضرور جهوري وجهندي پر هيءَ بهادر نياڻي ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

¨  هن کي چڱيءَ ريت پروڙ آهي ته هيءَ مايوس ٿيندي ته ساڻس پيار ڪندڙ گهر ڀاتي سڀ جهري پوندا، جن جي هانوَ جو ٿوڻيون صنم جي خوشين جي سهاري ئي بيٺل آهن.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڄام صنم سنڌيءَ کي سڀاڻي جيڪا ڀيٽا پيش ڪئي ويندي سا ساهتي پرڳڻي جي انهن سڀني ڇوڪرين لاءِ به پيغام هوندي ته محنت، عزت، سچائي، بهادري ۽ ثابت قدمي سان جدوجهد ڪبي ته پوءِ تاريخ به اهڙن پروگرامن ذريعي کين سلام پيش ڪندي رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.