اوهان جا ميمبر به اوهان جا ناهن چيئرمين صاحبان!!

تحرير؛نذير سومرو

سترنهن نومبر وارو اجلاس، ان ۾ ٿيندڙ سموري ڪاروائي ان پيغام کي پيئي ورجائي جيڪو سينيٽ جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ وقت ڏنو ويو هو. اهو پيغام اصل ۾ پارٽي جي چيئرمين صاحبن ڏانهن هو جنهن جو خلاصو اهو هو ته ڪير به هجي، اوهان جي پارٽي ٽڪيٽ تي، اوهان جي منشور تي ووٽ وٺي چونڊجي اچي پارليامينٽ ۾ پهچڻ کان پوءِ اهو اوهان جو نه هوندو. ان کان اڳ اهڙا ”سگنل/اشارا“ به ايندا رهيا آهن ته اسان ڪنهن کي ڪٿان به چونڊرائي سگهون ٿا. اهو اتي ڄائو هجي يا نه، اتي رهيو هجي يا نه، ان جو اتي هڪ به ووٽ هجي يا نه، اهو ان ڪري چونڊجي ويندو ڇو ته اسان جو آهي. سترنهن نومبر وارو اجلاس جنهن لاءِ عام تاثر اهو آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ ”اوڻويهه نومبر“ کان اڳ ڪرائڻو هو ڇو ته ان ۾ ڪيترن ميمبرن کي ”اختلاف“ ختم ڪندي هڪ ”صفحي“ تي بيهارڻو هو….. ۽ پوءِ سڀ هڪ صفحي تي اچي ويا جنهن جو تفصيل ٻڌائيندي هڪ ميمبر اهو چيو ته مان آيو ڪونه آهيان پر آندو ويو آهيان. ڪنهن پڇيس ته ڪنهن آندو آهي اوهان کي، جنهن جو جواب ڏنائين ته، جيڪي اڳ ۾ آڻيندا رهيا آهن. ساڳي ئي همراه رات جو هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ سموري بيان کي وڌيڪ واضع ڪري ٻڌايو ۽ معنى خيز اشارا پڻ ڪيا. اها ڳالهه بظاهر ته هڪ همراه پنهنجي زبان سان چئي پر اها گهڻن جي زبان هيٺان دٻجي ويئي يا هو جرئت ڪري نه سگهيا. سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته ”صفحي“ کي کنئور سان جوڙيو ويو آهي جيڪو جوڙ ڪڏهن به کلي سگهي ٿو ۽ پوءِ ”ڪا به زبان“ دٻجي ويل نه هوندي.هن اجلاس کان پوءِ پارٽي سربراهن کي اها ڳالهه سو دفعا سوچڻ کپندي آهي ته ڪرسيءَ جي آسري تي اوهان جي پارٽيءَ ۾ ايندڙ اوهان جا ڪونه آهن. تاريخ ته اهو به ٻڌايو آهي ته ڪرسيءَ جي ڊوڙ ۾ جيڪا پارٽي اڳتي نڪرندڙ هوندي آهي ۽ امپائر جي آڱر ان جي حق ۾ هوندي آهي ته ان پارٽيءَ کي ”ميمبر اميدوارن“ جي لسٽ ڏني ويندي آهي جيڪا لسٽ اها پارٽي اکين تي رکندي آهي ان ڪري جو ڪرسيءَ جي بيقراري انهن کي اهڙي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪندي آهي جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ ”ڦونڊ ۾ ڀرجي وڃڻ“ چئبو آهي اها ڳالهه حيرت جوڳي ڪونه آهي ڇو ته تاريخ اهڙن قصن ڪهاڻين سان ڀريل آهي ته ضمير جو سودو سٺي اگهه تي ٿئي ٿو ته ويڪائو خوش ٿين ٿا.تاريخ ان جي تصديق ان وقت ڪرڻ شروع ڪندي هئي جڏهن اسمبلي اجلاس کان اڳ اهي پارٽي بدلائيندا هئا جنهن کي عام طور تي ”هارس ٽريڊنگ“ چوندا هئا جن کي سوشل ميڊيا تي ڊانڪي ٽريڊنگ جي نالي سان به سڏيو ويو. ان عمل کان بچڻ لاءِ پارٽين ”هوش ۾ اچڻ“ کان پوءِ قانون ٺاهيو جنهن کان پوءِ هارس ٽريڊنگ ظاهري طور تي ختم ٿي ويئي جنهن جي جاء وري ”هارس هائيجيڪنگ“ ورتي. هن طريقي ۾ گهوڙا وڪامندا ناهن ڌمڪائي استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ استعمال کان پوءِ ايندڙ وقت جي تياري جي واعدي تي نوازيا به ويندا آهن. انهن کي باور ڪرايو ويندو آهي ته ”تون اسان جو آهين“ اهو وري پنهنجي ان عمل کي عوام تائين لاهي ووٽرن ۾ خوشي ۽ خوف پيدا ڪندو آهي. ان جا ماڻهو وڏي وات چوندا آهن ته “اسان جو خان وڏن جو ماڻهو آهي“هاڻي جڏهن ووٽ وٺي قانون جوڙيو ويو آهي ۽ مهينن جيترا بل ڪلاڪن ۾ پاس ڪرايا ويا آهن ته حڪومت پيار جو اظهار ڪندي مخالف ڌر کي سڏي رهي آهي ته اچو اسان سان ڳالهيون ڪريو.اهڙو اظهار ڳالهائڻ واري وزير ٽيون ڏينهن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ فرمايو ته تحريڪ لبيڪ واري معاملي تي ڪجهه ڏينهن اڳ رياست کي پوئتي هٽڻو پيو هو. سائين جن وڌيڪ فرمايو ته اسان کي آمريڪا، ڀارت ۽ يورپ مان خطرو ڪونهي پر اصل خطرو انتها پسنديءَ مان آهي يعني گهر کي جاچي ڏسڻ جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته اهو بيانيو نواز شريف جو هو جيڪو ڊان ليڪس کان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ نڪتو ۽ لفظ بدلائي ساڳي مطلب سان هلندو رهيو. هن بيانئي ئي نواز شريف کان وزارت عظمى کسرائي، جلاوطني ڏيکاري ۽ ڪورٽن جا چڪر لڳرايا. ڪورٽن جي ڳالهه ڪندي هي به چئي سگهجي ٿو ته اهو بيانيو ئي هو جنهن تي ججن پاران هن کي سزائون ڏنيون ويون جن لاءِ هاڻي ان مٿان پيل رک هٽجندي رهي ٿي ته اهي سزائون ڏنيون نه پر ڏياريون ويون هيون. اهڙو اظهار سزا ڏيندڙ ججن کان ٻاهر ويٺل ججن تائين سڀ پيا ڪن. سڀ پيا چون ته موبائيل فون اهي سڀ ڪم ڪيا.

سو جيڪڏهن هاڻي ڳالهه ساڳي ئي ڪرڻي آهي ۽ هاڻي اها صحيح ٿي لڳي يا هاڻي سمجهه ۾ آئي آهي ته پوءِ پاڪستاني پراڻي فلم ”انصاف اور قانون“ (جنهن ۾ اداڪار محمد علي لازوال اداڪاري ڪئي هئي) کي عملي شڪل ڇو ڏني ويئي ٻين لفظن ۾ ان جو ازالو ڪير ڪندو ۽ ڪو ڪري سگهندو!

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.