سنڌ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ نالي متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه آفيس ۾ گجر، محمود آباد ۽ اورنگي نالي جي متاثرن جي آبادڪاري ۽ نئين سر بحالي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ انجنيئر سيد نجم احمد شاهه، ايم ڊي واٽر بورڊ، ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ، ڊي جي ايل ڊي اي سميت لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ انجنيئر سيد نجم احمد شاهه اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عدالت جي حڪمن جي روشني ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي نتيجي ۾ گجر، محمود آباد ۽ اورنگي نالي جي متاثرن جي آبادڪاري جو عمل جلد کان جلد يقيني بنائڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن ۽ ابتدائي مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن تحت مناسب ۽ زندگي جي سمورين سهولتن جي فراهمي سان نالي متاثر جي بحالي ۽ آبادڪاري جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين ساهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ نالي متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ متاثر ٿيل سمورن خاندانن جي جلد بحالي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ گهٽ لاڳت سان تيار ٿيل گهرن جي فراهمي واري منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.