شهيد حسن ناصر پاڪستان جو پهريون شهيد ڪارڪن آهي:ڪميونسٽ پارٽي

ڪراچي (رپورٽر)شهيد حسن ناصر پاڪستان پهريون شهيد ڪارڪنن آهي، چچريل لاش ملڻ ۽ جبري گمشدگيون ايوب دور کان جاري آهن اهڙو اظهار ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي شهيد حسن ناصر جي ياد ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته اڄ جيڪو طبقاتي ۽ انساني حقن ۽ خاص طور تي قومي حقن لاءِ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري لاش ڦٽا ڪيا پيا وڃن اهو سڀ ڪجهه ايوب دور کان شروع ٿيو جيڪو اڃا جاري آهي. شهيد حسن ناصر  کي اسان سلام پيش ڪيون ٿا. شهيد جي پارٽي ظالماڻي استحصالي نظام جي خاتمي ۽ سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. شهيد انسانيت سوز تشدد باوجود شهيد جدوجهد تان هٿ نه کنيو. ان موقعي مير منور ٽالپر،  منظور رضي ڪامريڊ جمال ڪلثوم ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جلسي ۾ ترقي پسند اديبن دانشورن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهيد کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.