ميمونا سومرو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو ڌرڻو، 4 شڪي گرفتار

ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ: ممتاز سنڌي) ڪنڌ ڪوٽ لڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪر خان سھرياڻي ۾ ڳوٺ جي بااثرن پاران 40 ڏينهن اڳ بي دردي سان قتل ڪيل ميمونا سومرو ڪيس ۾ پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو باقي جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جي سڏ تي شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن مقتولا نياڻي جي والد اعجاز سومرو، عزيز سومرو، رمضان سومرو،  ظريت بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي،  مولوي جمال دين اوڳاھي، ابراھيم  خاڪي، والي ڏنو سنڌي، سجاد بروھي، راجا بابو عيساڻي، غلام رسول ملڪ، حسين بخش سومرو، شعبان جکراڻي  ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ڌرڻو هنيو، مقتولا جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن  چيو ته قاتل بااثر آهن جن خلاف پوليس ڪجهه نه ٿي ڪري قاتلن کي بچائڻ لاءِ سردار ڀوتار ميدان تي آهن، جيڪي سرڪاري مشنيري استعمال ڪري رھيا آهن، اسين مطالبو ڪريون ٿا ته نياڻي ميمونا سومرو کي بي دردي سان قتل ڪندڙ ظالمن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو انھي دوران ڊي ايس پي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو ٻئي پاسي ايس ايس پي امجد شيخ جي ھدايتن تي بخشاپور پوليس ڳوٺ لشڪر خان سھرياڻي ۾ جوابدارن جي گهر تي ڇاپا مار ڪاروائي ڪري جوابدار ھٿ نه اچڻ تي سندس شڪ جي بنياد تي غلام رباني سھرياڻي ، الاھي بخش سھرياڻي، خيام دين سھرياڻي، تحسين علي سھرياڻي کي پڪڙي جوابدارن بابت جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.