احسن اقبال ڪلڀوشن تي سوال اٿاريو ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال سوال اٿاريو ته ڇا ڀارت پاڪستاني جاسوس لاءِ ڪلڀوشن جهڙو قانون پاس ڪندو؟جاري ڪيل بيان ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي تهدشمن ملڪ جي جاسوسن کي اين آر او ڏيڻ سان ڪنهن به ملڪ جي پارليامينٽ جي منهن تي هڪ چماٽ پوڻ برابر آهي. هن وڌيڪ چيو ته دشمن ملڪ جي جاسوسن جي نالي تي قانون پاس ڪري ملڪ جي عزت ۽ پارليامينٽ جي وقار کي مجروح ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان حڪومت ويندي ڏسي پنهنجي ساٿين کي اين آر او ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.