مُڇن جي وارن وارو سُوٽ تيار، ڪنهن کي به نه وڻيو

مردن ۾ خطرناڪ بيمارين ۽ صحت جي مسئلن جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موويمبر يا موويمبر فائونڊيشن آسٽريليا جي تحت هڪ ساليانو ايونٽ ڪوٺايو ويندو آهي ۽ هن سان ان ايونٽ تحت شَڪي طور تي دنيا جو پهريون مردن جي مڇن جي وارن مان ٺهيل سُوٽ تيار ڪيو ويو.

آسٽريلين مينز ويئر برانڊ پوليٽڪس ويزول سان گڏ اهو سُوٽ تيار ڪيو آهي.

واضح رهي ته مويمبر فائونڊيشن جي سالياني ايونٽ ۾ سڄي دنيا جي مردن کي مُڇون رکڻ ۽ انهن کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي ويندي آهي ته جيئن انهن کي صحت جي سنجيده مسئلن بابت خبر پئجي سگهي.

ماهرن موجب صحت جي انهن مسئلن ۾ پروسٽيٽ ڪينسر سميت ٻيون بيماريون شامل آهن.

موويمبر جي حوالي سان هن سال پوليٽڪس ڪجهه نئون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ان جي لاءِ مردن جو هڪ سوٽ تيار ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ مردن جي مُڇن جو استعمال ڪيو ويو آهي.

ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته اهو نهايت ئي عجيب ۽ غريب ۽ اڻوڻندڙ سوٽ هو، پر اهو سڀ ڪجهه هڪ سُٺي مقصد جي لاءِ ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.