”ايندڙ چونڊن ۾ اِي وي ايم جي استعمال بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻهو ته ايندڙ چونڊن ۾ اِي وي ايم جو استعمال ٿيندو يا نه، في الحال ڪجهه نٿا چئي سگهون.

هن چيو ته ووٽنگ مشين جي استعمال ۾ چيليجنز درپيش آهن انڪري ووٽنگ مشين جي استعمال بابت وڌيڪ 3 کان 4 پائلٽ پروجيڪٽ ڪرڻا پوندا.

ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد خان چيو ته اِي وي ايم نظام 30 ڏينهن ۾ فعال ٿي سگهي ٿو.

وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته اليڪشن ڪميشن سان حڪومت ۽ سائنس واري وزارت سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.