لاڙڪاڻي پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪاررايون. 6 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي اشتهاري ۽ گهربل 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار، منشيات ۽ ڦر ڪيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ مارڪيٽ پوليس چيڪنگ دوران ايمپائر روڊ تان گهربل جوابدار عارف جتوئي کي بغير لائسنس پسٽل، گولين ۽ موٽرسائيڪل سميت، رتوديرو پوليس شڪارپور ناڪي وٽان ضلعي شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ قتل ۽ رتوديرو ٿاڻي تي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ روپوش ڳڙهي ياسين واسي جوابدار ڪريم بخش شيخ کي، وليد پوليس ناڪو نمبر 7 وٽان قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ٿاڻي مهي مڪول تي ڌاڙن ۽ سنگين نوعيت جي ٻن کان وڌيڪ ڪيسن جي اشتهاري جوابدار فقير محمد ڪوريجو کي، رتوديرو پوليس منشيات فروش لال بخش عرف لالو جلباڻي کي 10 ڪلو ڀنگ سميت، حيدري پوليس چيڪنگ دوران نشتر روڊ تان جوابدار شاهد شيخ کي شراب جي 4 بوتلن ۽ جوابدار زاهد عمراڻي کي گٽڪن جي 8 پيڪيٽن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن وارث ڏنو ماڇي مختلف وقتن تي ڦر ڪيل ٽي موٽرسائيڪلون هٿ ڪري اصل مالڪن در محمد ڀٽو، الله بخش ڪنڀر ۽ نواب خان راجپوت حوالي ڪري ڇڏيون آهن.

  •  سلطان ڪوٽ ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ڳوٺاڻو زخمي

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) ھمايون شريف ۾ شڪارپور _جڪب آباد قومي شاھراھ روڊ پريس ڪلب جي سامھون ڪار جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار آباد واسي هزار خان پٽ محمد مٺل بروهي سخت زخمي ٿي پيو زخمي اسپتال منتقل همايون شريف پوليس موقعي تي ڪار ۽ ڪار جي ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو زخمي کي ليٽر ڏئي سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو زخمي کي سلطان ڪوٽ اسپتال مان شڪارپور اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي.

  • سامارو  لڳ تشدد ۽ زخمي ڪندڙ خلاف  ڪيس داخل، ٻه جوابدار گرفتار

سامارو ( ن ع آ ) سامارو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جلال شاهه واٽر جي رهواسڻ فاطمه شيخ جي فرياد تي گناه  نمبر 111/2021 قلم 506.2. 341.509.337A1.F1.34 پاڪستان پينل ڪوڊ تحت حسين بخش ۽ محمد حسن دونڪائي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن جو ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد نوٽيس وٺندي ڪاروائي جي حڪم تي  سامارو پوليس ڪارروائي ڪندي تشدد ۽ زخمي ڪرڻ جي داخل ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن حسين بخش ۽ محمد حسن ڍونڪائي کي گرفتار ڪري ورتو آھي جنهن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندوجڏھن ته پوليس وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.