اسٽيبلشمينٽ چونڊ نتيجا ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي: مولانا فضل الرحمان

ڪوئيٽا(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي بيورو ڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ چونڊ نتيجا پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن اولهه کي اهو ٻڌائي سگهي ته مذهبي ماڻهن جي موجودگي ۾ وڌيڪ پريشان نه ٿجو. ڪوئيٽا ۾ علما ڪنويشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسين 70 سالن کان آمريڪا جي غلامي ۾ گهاريا آهن ۽ يورپ جي معيشت قابض رهي آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم عمران خان معيشت جي بهتري لاءِ ڪڪڙين جا فارم کولڻ ۽ بيضا وڪڻڻ جو مشورو ڏنو ۽ هيل تائين اوڪاڙا وٽ زمين خريد ڪئي وئي آهي، جتي اعليٰ نسل جي گڏهن جي واڌ ويجهه ٿيندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهڻ وقت مونکي آڇ ڪئي وئي ته توهان حڪومت سان گڏ هلو پرڏيهه مان جام پئسا ملندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.